دينپوري مولانا محمد عمر

دينپوري، مولانا محمد عمر: مولانا محمد عمر دينپوري، براهوي زبان جو قومي شاعر، ضلعي شڪارپور تعلقي جاڳڻ، ڳوٺ دينپور ۾ 1892ع ڌاري ڄائو. هن فارسي ۽ عربي زبانن جي لفظي ذخيري، تشبيهن، استعارن ۽ انداز بيان سان براهوي زبان جو سرمايو وڌايو.
هن شاعريءَ کانسواءِ قرآن پاڪ جو براهويءَ ۾ ترجمو پڻ ڪيو، جڏهن مولانا عبيد الله سنڌيءَ ترڪ وطن ۽ ترڪ موالات جي تحريڪ شروع ڪئي ته مولانا دينپوريءَ به هجرت تحريڪ ۾ حصو ورتو ۽ جماعت سميت افغانستان پهتو. ان کانپوءِ هجرت تحريڪ ختم ٿيڻ تي هن واپس اباڻي ڳوٺ ۾ اچي هڪ علمي مدرسو قائم ڪيو ۽ اتي درس ۽ تدريس، تصنيف ۽ تاليف ۾ گھڻو وقت گذاريائين.
ڪجهه عرصي کان پوءِ مولانا دينپوري ڳوٺ کي الوداع ڪري بلوچستان جي جھالاوان علائقي ۾ اچي رهيو ۽ سندس باقي وقت اتي ئي گذريو. اڄ به اُتي سندس عقيدتمند هزارن جي تعداد ۾ رهن ٿا. سندس ٻه فرزند مولانا محمد شريف ۽ مولانا عبد الطيف ۽ ڌيءَ شاعره تاجبانو تصنيف ۽ تاليف سان وابسته آهن. مولانا دينپوريءَ جي ڪتابن جو وچور هن ريت آهي:
حفظ الايمان، سوداءِ خام، مسخ العباده، مشتاق مدينه (هن ڪتاب جو پهريون حصو مولانا دين پوريءَ ۽ ٻيو حصو مولانا عبدالڪريم مينگل لکيو هو)، آئينه قيامت، اصل الايمان، في الفراق، ثبوت الحجاب، رساله دينيات، مثال حال، تحفة الامراء، الحق، دافع الوسواس، ويل نامه، هدايت قادريه، براهوي قاعده، تنبيھ الغافلين، اشتهار حسرت اظهار، هدايت المستورات، شرح ا صول، مجموعه ضبط و بيض الطيف في الذڪر حبيب، ڪريما ۽ گلستان منظوم وغيره.
مولانا محمد عمر دينپوريءَ 1365هه/1945ع ۾ وفات ڪئي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو